فيض گنج ۾ ڪرونڊي واسڻ عورت وارثن سان گڏ دانهيندي چيو آهي ته کيس رند برادري جي ماڻهن اغوا

faiz ganj

فيض گنج ۾ ڪرونڊي واسڻ عورت  وارثن سان گڏ دانهيندي چيو آهي ته کيس رند برادري جي ماڻهن اغوا ڪري 4 سال قيد ۾ رکي جنسي حوس جو نشانو بڻايو جتان وجهه وٺي جان بچائي مائٽن وٽ پهتي آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

فيض گنج جي ڪرونڊي شهر جي رهواسڻ نسيم آرائين پنهنجي امڙ پروين آرائين سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

عورت نسيم آرائين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته، 4 سال اڳ شاهنواز رند، ڀورو ۽ خاوند رند ساٿين سان گڏجي کيس اغوا ڪري هڪ گهر ۾ قيد ڪري اجتماعي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندا رهيا، جتان وجهه وٺي جان بچائي وارثن وٽ پهتي آهي.

عورت نسيم آرائين ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف اغوا ڪري اجتماعي ڏاڍائي جو ڪيس داخل کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڪري مونکي ۽ منهنجي والدين کي تحفظ ڏنو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*