لکي غلام شاهه ويجهو بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 عورتن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا

لکي غلام شاهه  ويجهو ڄاڃين جي بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جَي نتيجي ۾ 6 عورتن سميت 13 ڄڻا زخمي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

قومي شاهراهه تي ڪشمور کان ڪراچي ويندڙ ڄاڃين جِي بس جو لکي غلام علي شاهه ڀرسان ٽرڪ سان زوردار ٽڪر ٿي پيو.

حــادثي جَي نتيجي ۾ تنگواڻي واسي مسمات سڪينا ملڪ، نور خاتون، مسمات راڄي، ديدار علي، خاوند، هادي بخش ۽ علي حيدر سميت 13 ڄاڃي زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*