نوابشاهه ۾ پي ٽي آءِ پاران ڪي پي ڪي ۽ اسلام آباد ۾ ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nawabshah pti

نوابشاهه ۾ پي ٽي آءِ پاران ڪي پي ڪي ۽ اسلام آباد ۾ ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ ڪارڪنن اسد ملاح، خالد انڙ، ياسر صديق، عمران قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته پنجاب پوليس پي ٽي آءِ جي بيگناهه ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائي آمريت جو ثبوت ڏنو آهي.

هنن چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن جيلن ۽ تشدد کان ڊڄڻ وارا ناهن، ڪرپشن خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪارڪنن تي تشدد جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*