آرمي چيف هڪ ڏينهن جي دوري لاءِ اڄ افغانستان ويندو

آرمي چيف جنرل راحيل شريف افغانستان جي هڪ ڏينهن واري دوري تي اڄ ڪابل روانو ٿي رهيو آهي، جنرل راحيل شريف افغانستان جي سياسي توڙي عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪابل جي هڪ ڏينهن واري دوري دوران افغان صدر اشرف غني ۽ چيف ايگزيڪيٽو عبدالله عبدالله سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل راحيل شريف چيف جي افغانستان جي بچاءُ واري وزير، قومي سلامتي جي سربراهه ۽ ٻين اهم فوجي عهديدارن سان به ملاقات ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*