سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران شڪارپور ۽ سجاول ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار، غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

Murad-Ali-Shah-31116

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران شڪارپور ۽ سجاول ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار، غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو  حڪم، رپورٽ طلب، مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار عوام کي پوليو جي خاتمي جي خاطري ڪرائي چڪي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو، جنهنن۾ وفاقي ۽ سنڌ جي پوليو جي خاتمي بابت نما.ندن، صحت واري صوبائي وزير، سيڪريٽري صحت ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير شڪار پور ۽ سجاول ۾ پوليو جڪيسز طاهر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وئڪسينيشن باوجود پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ سٺو سنوڻ ناهي.

وڏي وزير  شڪارپور ۽ سجاول ۾ پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ جا ڪارڻ معملو ڪرڻ لاءِ صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو کي معاملي جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار پوليو جي خاتمي لاءِ سنڌ جي عوام سان ڪمٽمينٽ ڪري چڪي آهي، ٻارڙن جي صحت بابت ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*