امريڪي پاپ سنگر ڪرس اسٽيپلٽن سال جو بهترين ميل ووڪلسٽ ۽ ڪيري انڊر ووڊ فيميل ووڪلسٽ جو ڪنٽري ميوزڪ ايوارڊ ماڻي ورتو

AWARDS-COUNTRYMUSIC-PERFORMANCES-31116

امريڪي پاپ سنگر ڪرس اسٽيپلٽن سال جو بهترين ميل ووڪلسٽ ۽ ڪيري انڊر ووڊ فيميل ووڪلسٽ جو ڪنٽري ميوزڪ ايوارڊ ماڻي ورتو آهي.

ٽينيسي جي نيشوِلي شهر ۾ ٿيل سي ايم اي 2016 ايوارڊ  تقريب ٿي، جنهن ۾ ميوزڪ ۾ بهترين ڪارڪردگي جا ايوارڊ ڏنا ويا، هلندڙ سال ميل ووڪلسٽ آف دَ ايئر جو ايوارڊ ڪرس اسٽيپلٽن ۽ فيميل ووڪلسٽ آف دَ ايئر جو اعزاز ڪيري انڊر ووڊ جي حصي ۾ آيو پر البم آف دَ ايئر ايرڪ چرچ جي البم  “مسٽر مس انڊر اسٽوڊ” کي قرار ڏنو ويو.

لوري مڪ ڪينا جو “همبل اينڊ ڪائنڊ” سانگ آف دَ ايئر قرار ڏنو ويو، ، ٿامس ريٽ جي “ڊاءِ آ هيپي مين” وري سنگل آف دَ ايئر سي ايم اي ايوارڊ ماڻيو، ڪرس اسٽيپلٽن جي فائر اوي کي ميوزڪ ويڊيو آف دَ ايئر  قرارڏنو ويو ته ڊين هف آن گٽار ميوزيشن آف دَ ايئر جو اعزاز ماڻيو.

انٽرٽينر آف دَ ايئر جو ايوارڊ گراٿ بروڪس جي حصي ۾ آيو ته وِلي نيلسن لائيف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ ڊولي پارٽن ماڻيو، ووڪل گروپ آف دَ ايئر جو ايوارڊ لٽل بگ ٽائون، ووڪل ڊائو آف دَ ايئر جو اعزاز برادرز اوسبورن ۽ نيو آرٽسٽ آف دَ ايئر جو ايوارڊ ميرين مورِس جي حصي ۾ آيو، ميوزيڪل ايونٽ آف دَ ايئر جو ايوارڊ ڊيرڪس بينٽلي فيٽ ايلي ڪنگ  جي “ڊفرنٽ فار گرلز” کي ڏنو ويو.

سي ايم اي ايوارڊ تقريب دوران پاپ سنگر بيونسي، گارٿ بروڪس، ڪيري انڊرووڊ، ايرڪ چرچ ۽ ٻين فن جو مظاهرو ڪيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*