ڪرنگهي ۾ ڌڪ لڳڻ باڪسنگ رِنگ ۾ واپسي ڪندڙ امريڪي باڪسر وِني پيزينزا جي زندگي تي ٻڌل فلم “بليڊ فار دِس” جو هالي ووڊ ۾ پريميئر ٿيو، جنهن ۾ اسٽارز شرڪت

FILM-BLEEDFORTHIS-31116

ڪرنگهي ۾ ڌڪ لڳڻ باڪسنگ رِنگ ۾ واپسي ڪندڙ امريڪي باڪسر وِني پيزينزا جي زندگي تي ٻڌل فلم “بليڊ فار دِس” جو هالي ووڊ ۾ پريميئر ٿيو، جنهن ۾ اسٽارز شرڪت ڪئي.

“بليڊ فار دِس” اڳوڻي امريڪي وِني پيزينزا جي ڪهاڻي آهي، جيڪو 2 ورلڊ ٽائٽل کٽڻ بعد ڪار حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو ۽ ڪرنگهي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته هاڻي هو شايد ڪڏهن هلي به نه سگهي پر مشهور ٽرينر ڪيوِن روني کيس ٽريننگ ڏيڻ جو بار پنهنجي ڪلهي تي کنيو ۽ سال اندر وِني پيزينزا کي ٻيهر رنگ ۾ آندو.

فلم ۾ وِني پيزينزا جو ڪردار مائلز ٽيلر نڀايو آهي، جڏهن  آرون ايڪهارٽ سندس ٽرينر جي روپ ۾ نظر ايندو، جڏهن ته ڪيٽي سيگل به ڪاسٽ ۾ شامل آهي، بين ينگر جي ڊائريڪشن ۾ ٺهندڙ فلم “بليڊ فار دِس” 18 نومبر تي رليز ٿيندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*