حڪومتي وزيرن چيو آهي ته نواز شريف پاناماليڪس جي شفاف جاچ چاهي ٿو

khuwaja asif isb

حڪومتي وزيرن چيو آهي ته نواز شريف پاناماليڪس جي شفاف جاچ چاهي ٿو، سپريم ڪورٽ ۾ معاملو اينگاهڻ بابت عمران خان جا الزام ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، تحريڪ انصاف جو سربراهه ذهني توازن وڃائي چڪو آهي.

اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته سپريم ڪورٽ کان وڏو ڪو به امپائر ناهي، اميد ته پاناماليڪس ۾ سچ جي فتح ٿيندي.

هن چيو ته عمران خان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، کيس آرام ڪرڻ گهرجي، پاناماليڪس معاملو عدالت ۾ هلي رهيو آهي، سمورين ڌرين کي گٿا لفظ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

خواجه آصف چيو ته سندس گهر لائين آف ڪنٽرول ڀرسان آهي، قبرن جي ڪمائي کائيندڙ شخص مشورا ڏيڻ بدران پنهنجي جماعت تي ڌيان ڏي.

هن چيو ته ڀارت پاڪستان جو دشمن ملڪ آهي، ڪنٽرول لائين تي وڌندڙ ڇڪتاڻ واري مسئلي تي دنيا آڏو آواز اٿاريو پيو وڃي.

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق تحريڪ انصاف تي تنقيدي تير هلايا ۽ کيس ذهني مريض پڻ قرار ڏئي ڇڏيو.

هن چيو ته چونڊن ۾ باقي ڏيڍ سال آهي، عمران خان کي ڪي پي واپس وڃي عوام جي خدمت ڪري، کيس ايندڙ اليڪشن ۾ ئي شڪست ملندي.

سعد رفيق چيو ته بائونسر هڻندڙ عمران خان کي آرام سان گڏ علاج جي ضرورت آهي، تحريڪ انصاف جا اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪرڻ دوران وڙهي پون ٿا، اهي ڪهڙي ريت جمهوريت مضبوط ڪندا………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*