امريڪا ۾ ڪاري ۽ گوري نسل جي جوڙي جي شادي تي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پهرئين جوڙي جي زندگي تي ٻڌل فلم “لــَونگ” ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن فلم کي پنهنجي لاءِ غير معمولي تجربو قرار ڏنو

FILM-LOVING-31116

امريڪا ۾ ڪاري ۽ گوري نسل جي جوڙي جي شادي تي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پهرئين جوڙي جي زندگي تي ٻڌل فلم  “لــَونگ” ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن فلم کي پنهنجي لاءِ غير معمولي تجربو قرار ڏنو آهي.

“لــَونگ” 1958ع ۾ ڪاري سان تعلق رکندڙ  مائلڊريڊ لــَونگ ۽ گوري نسل جي رچرڊ جي شادي تي ٻڌل آهي، جن کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي شادي ڪرڻ تي عدالت هڪ سال جي سزا ٻڌائي هئي، پر مائلڊريڊ لــَوِنگ سزا خلاف اپيل ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ مختلف نسلن جي شادين تان پابندي هٽائڻ وارو تاريخي فيصلو ٻڌايو هو.

فلم ۾ رچرڊ جو ڪردار نڀائيندڙ جوئل ايڊگرٽن جو چوڻ هو ته لــَونگ ۽ رچرڊ ڪي اسٽيج تي بيهي تقريرون ڪندڙ نه هئا پر اهي نه چاهيندي به هيرو هئا، جن ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ڏسڻ پئي چاهيو.

پر مائلڊريڊ لــَوِنگ جو ڪردار نڀائيندڙ اداڪاره رٿ نيگا فلم جي شوٽنگ کان اڳ کيس هڪ غير معمولي جوڙي سان وقت گهارڻ جو موقعو مليو ته کيس پتو پيو ته هي ڪيترا نه ساده ۽ معصوم آهن، موجوده دور ۾ اهڙا ماڻهو ڳولهي نٿا لڀن.

فلم جي ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر جيف نڪولس جو چوڻ هو ته لــَونگ زبردست عورت آهي ۽ هوءَ به خوش آهي ته سندن ڪهاڻي سڀني کي ٻڌائي پئي وڃي،  “لــَوِنگ” جمعي تي رليز ٿيندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*