پاپ اسٽار ٽيلر سوئفٽ 170 ملين ڊالرز ڪمائي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ڳائڻي بڻجي وئي، برطانوي سنگر ايڊيل ساڍا 80 ملين ڊالرز سان ٻئي نمبر تي رهي

MUSIC-HIGHESTPAIDWOMEN-31116

پاپ اسٽار ٽيلر سوئفٽ 170 ملين ڊالرز ڪمائي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ڳائڻي بڻجي وئي، برطانوي سنگر ايڊيل ساڍا 80 ملين ڊالرز سان ٻئي نمبر تي رهي.

فوربز ميگزين پاران جاري ڪيل لسٽ موجب 2016ع دوران ٽيلر سوئفٽ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ فيميل سنگر آهي، ٽيلر سوئفٽ 2015ع ۾ به فوربز ميگزين جي طاقتور عورت قرار ڏني وئي هئي.

ميگزين پاران جاري ڪيل لسٽ ۾ برطانوي سنگر ايڊيل ٻئي نمبر تي آهي، سال دوران ايڊيل 80 ڏهائي پنج ملين ڊالرز ڪمايا، ٽئين نمبر تي امريڪي پاپ سنگر ميڊونا آهي، جنهن ساڍا 76 ملين ڊلارز ڪمايا.

فوربز جي لسٽ موجب 75 ملين سان ريهانه چوٿين نمبر تي ۽ 54 ملين ڊالرز سان پاپ سنگر بيونسي پنجين نمبر تي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*