ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪري بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ

rangers karwai khi

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪري بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا، رينجرز ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.

رينجرز ترجمان موجب گڏ اپ، اتحاد ٽائون، ناظم آباد ۽ لياقت آباد سميت مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران هڪ ڏوهاري سميت 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن وٽان دستي بم، هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

رينجرز ترجمان موجب دهشتگردن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*