ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو

ishaq-dar-07-8

 ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته  پرڏيهه ۾ سندس ڪا به ملڪيت ناهي ۽ نه ئي آف شور ڪمپني آهي، مني لانڊرنگ ۾ ملوث هئڻ بابت سندس حلفي بيان پرويز مشرف جي دور ۾ زبردستي ورتو ويو هو.

سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پنهنجي وڪيل جي معرفت پاناما ليڪس بابت درخواستن تي جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ هن پاڻ مٿان لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪيو آهي.

اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته درخواستن ۾ مٿس لڳايل الزام اڳ ڪنهن به فورم تي ناهن اٿاريا ويا ۽ نه ئي سينيٽ جي چيئرمين ڏانهن ريفرنس ماڻيو ويو.

هن چيو ته سندس پرڏيهه ۾ ملڪيت ناهي ۽ نه ئي آف شور ڪمپنين سان واسطو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته سندس خلاف درخواست رد ڪئي وڃي.

اسحاق ڊار مني لانڊرنگ وارن الزامن بابت عدالت کي ٻڌايو ته کائنس پرويز مشرف جي دور ۾ زبردستي لکت ۾ بيان ورتو ويو ، هــــــُو مني لانڊرنگ ۾ ملوث ناهي رهيو، لاهور هاءِ ڪورٽ به زبردستي ورتل بيان کي نه قبولڻ جوڳو قرار ڏنو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*