لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال جي ڪپرن تان غير قانوني طور وڻ وڍيندڙ جوابدارن کي روينيو ملازمن

larkana tree

لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال جي ڪپرن تان غير قانوني طور وڻ وڍيندڙ جوابدارن کي روينيو ملازمن سوگهو ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته معاملي جو اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

رائيس ڪئنال ۽ آمري واهه جي ڪپرن تان اڻڄاتل ماڻهن وڻن جي واڍي شروع ڪري ڇڏي، جوابدارن کي وڻ وڍيندي ڏسي، روينيو عملدارن عبدالنبي جتوئي، گهرام جتوئي، غلام عباس ۽ عبدالستار کي سوگهو ڪري ورتو.

 روينيو عملدارن وڻ وڍيندڙ جوابدارن کي سوگهو ڪرڻ بعد حد جي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

لاڙڪاني جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسعود ڀٽو جو چوڻ آهي ته وڻن جي واڍي ڪندڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي جن تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ٻي طرف اڃا تائين گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ناهي ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*