پيرجو ڳوٺ ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ راند کيڏندڙ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو

pir jo goth

پيرجو ڳوٺ ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ راند کيڏندڙ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو، ڳوٺاڻن ۽ وارثن ڪريل ڀت هيٺان ٻارڙي جو لاش ڪڍي ورتو، جڏهن ته وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

پيرجو ڳوٺ جي ڳوٺ بهار لاڙڪ ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ورهين جو محمد صديق شيخ  دٻجي فوت ٿي ويو.

گهر ڀاتين ڳوٺاڻن جي مدد سان ڪِريل ڀت هيٺان دٻجي فوت ٿي ويل ٻارڙي جو لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن به سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

اسپتال ۾ قانوني ڪارروائي بعد ٻارڙي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر گهر جي ڀت جي ڀرسان راند کيڏي رهيو هو ته اوچتو ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*