ٺٽي ۾ وائيلڊ لائيف کاتي ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڪارروائي ڪندي غير قانوني طور مڇي مارڻ لاءِ لڳايل ڪيترائي ڄار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا

tatta wildlife

ٺٽي ۾ وائيلڊ لائيف کاتي ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڪارروائي ڪندي غير قانوني طور مڇي مارڻ لاءِ لڳايل ڪيترائي ڄار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، عملدارن جو چوڻ آهي ته ڄار لڳائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.

ڪراچي جي وائلڊ لائيف کاتي ڪنزرويٽر سعيد اڪبر بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪينجهر ۾ غير قانوني طور لڳايل ڄار ڪڍي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا.

 ڪنزر ويٽر سعيد اڪبر بلوچ جو چوڻ هو ته ڪينجهر ۾ مڇي جي شڪار تي پابندي آهي، جنهن ڪري ڪنهن کي به مڇي جو شڪار ڪرڻ جي اجازت نه آهي.

هن چيو ته ڪينجهر ۾ غير قانوني مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار لڳائيندڙ شڪارين کي گرفتار ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*