سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريزجي پهرين ٽيسٽ ۾ هڪ طرفي مقابلي بعد زمبابوي کي 225رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي

Srilanka-Vs-Zim-31116

سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريزجي پهرين ٽيسٽ ۾ هڪ طرفي مقابلي بعد زمبابوي کي 225رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

زمبابوي جي شهر هراري ۾ کيڏي ويل پهرين ٽِيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾سريلنڪن ٽيم 537رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ڪشال پريرا ۽ٿرنگا 110-110رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا.

زمبابوي پاران ڪريمر چار، ايمپفو ٻه، جڏهن ته والر، وليمز۽ممبا هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

زمبابوي جي ٽيم پهرين اننگ ۾373رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي، ڪريمر 103رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽاپ اسڪور رهيو، جڏهن ته مورِ 79رنز جي اننگ کيڏي.

سري لنڪا پاران رنگناهيراٿ ۽ليڪمال 3-3، جڏهن ته پريره ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

سري لنڪا پهرين اننگ ۾ 164رنز جي برتري حاصل ڪرڻ بعد ٻي اننگ ۾6 وڪِيٽن جي نقصان تي 247رنز ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪري زمبابوي کي ميچ کٽڻ لاءِ 412رنز جو ٽارگيٽ ڏنو.

سريلنڪا جي ٻي اننگ ۾ ڪرونارتني 110۽ڊي سلووا 64رنز اسڪور ڪيو.

زمبابوي ٽيم سري لنڪا پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 412رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم صرف 186رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

زمبابوي جي ٻي ٽيم ۾ ڪريمر 43۽وليمز 40رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

سري لنڪا پاران دلرووان پريره ۽رنگنا هيراٿ 3-3،جڏهن ته ليڪمال۽ ڪمارا ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

زمبابوي جي ڪريمر کي بهترين آلرائونڊر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جي ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*