ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽آخري ميچ ۾ ڪريگ بريٿويٽ جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي وائيٽ واش شڪست کان بچي وئي

Pak-Vs-West-31116

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽آخري ميچ ۾ ڪريگ بريٿويٽ جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي وائيٽ واش شڪست کان بچي وئي آهي، ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪريگ بريٿويٽ جي شاندار بيٽنگ اهم ڪردار ادا ڪيو.

شارجه ۾ کيڏي ويل سيريزجي آخري ميچ جي پهرين اننگ ۾ قومي ٽيم جا بيٽسمين وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ پوري ٽيم 281رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ سميع اسلم، 74،مصباح الحق53،يونس خان ۽سرفراز احمد 51-51رنز جي اننگ کيڏي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران بشو چار، گيبريئل ٽي،جوسف ٻه ۽چاس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 337رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ ڪريگ بريٿويٽ 142رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو،جڏهن ته چاس 50رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان جي ٽيم پاران وهاب رياض پنج، محمد عامر 3،جڏهن ته ياسر شاهه۽ ذوالفقار بابر هڪ-هڪ وڪِيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم ٻي اننگ ۾ 208رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي ۽اهڙي طرح ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 56رنز جي برتري حاصل ٿي، جنهن ۾ اظهر علي 91،۽سرفراز احمد 42رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا، جڏهن ته ٻيو ڪوبه بيٽسمين سٺي ڪارڪردگي جومظاهور نه ڪري سگهيو.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران جيسن هولڊر 5،بشو ٽي ۽چاس هڪ وڪِيٽ حاصل ڪئي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 153رنز جي ٽارگيٽ حاصل ٿيو ۽ ميچ جي چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي ويسٽ انڊيز جي ٽيم 5 وڪِيٽن جي نقصان تي 114رنز اسڪور ڪيون.

اڄ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پنج وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ حاصل ڪري ميچ ۾ پنج وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري وائيٽ واش شڪست کان بچي وئي.

پنج ورهين بعد ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*