سانگهڙ پوليس مبينا مقابلي ۾هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب مارجي ويل

sanghr

سانگهڙ پوليس مبينا مقابلي ۾هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار پوليس حملن، اغوا ۽ قتل جي ڪيترين ئي ورداتن ۾ ملوث هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي منگلي ٿاڻي جي حد  چڪ نمبر 4 ويجهو ڪارروائي ڪئي ته ڏوهارين پوليس پارٽيءَ تي فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب جوابي فائرنگ ۾بدنام ڏوهاري اصغر جتوئي مارجي ويو، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي فرار ٿي ويو.

پوليس موجب مارجي ويل جوابدار اصغر جتوئي علائقي جو بدنام ڏوهاري هو، مٿس سانگهڙ، منگلي ۽ ٻين ڪيترن ئي ٿاڻن تي اغوا، قتل ۽ ڌاڙن  جا 9 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*