سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پريس ڪلب مان گرفتاريءَ بعد نظر بند ڪيل ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پريس ڪلب مان گرفتاريءَ بعد نظر بند ڪيل  ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ ڪنور خالد يونس کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ عدالت ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته ڪنور خالد يونس کي 30 ڏينهن لاءِ نظر بند ڪيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي نظربند ڪيل اڳواڻ ڪنور خالد يونس جي ڌيءَ پاران پيءُ کي آزاد ڪرڻ ۽ کيس طبي سهولتون ڏيڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس پيءُ کي رڳو پريس ڪانفرنس ڪرڻ تان گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي، جتي سندس طبيعت خراب ٿي پئي آهي.

ڪنور خالد يونس جي ڌيءَ عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته سندس پيءُ کي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

عدالتي حڪم تي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه لکت ۾جواب داخل ڪرائيندي چيو ته امن امان کي نظر ۾ رکندي ڪنور خالد يونس کي 30 ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي.

عدالت ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ کي جيل ۾ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*