لاڙڪاڻي ۾ سينٽرل جيل انتظاميه پاران نئين ڄاول ٻارڙي کي کير پيئارڻ لاءِ قيدي عورت

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ سينٽرل جيل  انتظاميه پاران نئين ڄاول ٻارڙي کي کير پيئارڻ لاءِ قيدي عورت کي اجازت نه ڏيڻ جو ڊي سي نوٽيس وٺندي، جيل اختيارين سان رابطو ڪيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته جيل اختيارين عورت کي جازت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

قتل ڪيس ۾ سينٽرل جيل ۾ قيد عورت صبا ڪلهوڙو جي 10 ڏينهن جي ٻارڙي کي طبعيت خراب ٿيڻ تي گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي جي چلڊرين اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.

ٻارڙي کي ٿڃ پيئارڻ لاءِ سندس قيدي امڙ کي اجازت نه ملڻ واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو معاملي جو نوٽيس ورتو.

ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف علي جو چوڻ  آهي ته جيل اختيارين سان رابطو ڪري قيدي عورت کي پنهنجي ٻارڙي کي کير پيئارڻ لاءِ اجازت ڏيڻ جو چيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيل اختيارين عورت کي سڪيورٽي هيٺ اسپتال آڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي، چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس سان به رابطو ڪري انتظامه مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته ٻارڙي جي ماءُ  صبا ڪلهوڙو پنهنجي مڙس نويد ڪلهوڙو کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ سينٽرل جيل ۾ قيد آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*