اسلام آباد جِي عدالت جهانگير ترين جي 30 ارب هرجاڻي واري دعويٰ تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 12 نومبر تائين نوٽيس جاري

jangeer taren

اسلام آباد جِي عدالت جهانگير ترين جي 30 ارب هرجاڻي واري دعويٰ تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 12 نومبر تائين نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته شهباز شريف قرض معاف ڪرائڻ بابت الزام مڙهيا، جيڪي بي بنياد آهن.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪامران بشارت مفتي پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف خلاف 30 ارب رپيا هرجاڻي واري دعويٰ تي ٻڌڻي ڪئي.

جهانگير ترين جي وڪيل سلمان بشير دليل ڏيندي چيو ته شهباز شريف قرض معاف ڪرائڻ بابت سندس اصيل تي الزام مڙهيا، جيڪي بي بنياد آهن.

وڪيل چيو ته ڪوڙن الزامن کانپوءِ جهانگير ترين شهباز شريف کي سيڪشن 8 تحت نوٽيس جاري ڪيو، پر هـُن معافي نه ورتي.

عدالت پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 12 نومبر تائين نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي متلوي ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*