پيپلزپارٽي اڄ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڏهرڪي ويجهو ميدان سجائي ورتو

PPP-Jalsa-Daraki-41116

پيپلزپارٽي اڄ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڏهرڪي ويجهو ميدان سجائي ورتو آهي، جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، جنهن لاءِ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

پيپلزپارٽي پاران اڄ رهڙڪي ۾ جلسو ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ 18 سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽  9 ايس ايس پيز جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي.

جلسي لاءِ 15 هزار کان وڌيڪ ڪرسيون لڳايون ويون آهن ۽ 50 فٽن جو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جلسي ۾ شرڪت لاءِ مختلف شهرن کان قافلن  جي پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.

جلسي کي پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، جنهن لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*