وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف گذريل 12 ڪلاڪن ۾ ٻي ملاقات

Shahbaz-Shairf-Nisar-41116

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف گذريل 12 ڪلاڪن ۾ ٻي ملاقات ڪري ملڪي سياسي صورتحال ۽ پاناما ليڪس ڪيس جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا آهن.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف اسلام آباد پهچي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سپريم ڪورٽ ۾ ويل پاناما ليڪس معاملي جي قانوني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ وڏي وزير شهباز شريف وچ ۾ ملڪ ۾ تازي پيدا ٿيل سياسي صورتحال ۽ امن امان جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پنجاب ۾ امن لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن ۽ حڪومت کي گهربل سهولتن بابت وفاقي گهرو وزير کي آگاهي ڏني، جنهن تي وقاقي گهرو وزير پنجاب ۾ امن لاءِ کنيل حڪومتي قدمن جي ساراهه ڪندي چيوته صوبائي حڪومت سان امن امان لاءِ تعاون ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*