موري ڀرسان بــِهڻ ۽ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت

Nawabshah map

موري ڀرسان بــِهڻ ۽ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿيڻ بعد مارجي ويلن جو انگ 2 ٿي ويو، گذريل ڏينهن لنڪ روڊ تان موٽر سائيڪل گذارڻ تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو.

ڳوٺ درس ۾ بِهڻ ۽ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي زخمين مان وڌيڪ هڪ ڄڻو عبدالغني بهڻ پي ايم يو نوابشاهه ۾ فوت ٿي ويو.

گذريل ڏينهن به جهيڙي جو هڪ زخمي ساجد ابڙو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو، جنهن سبب مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي.

نوان جتوئي لنڪ روڊ تان موٽر سائيڪل گذارڻ تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*