وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سپريم ڪورٽ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي

Supreme-Court-13716

وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سپريم ڪورٽ  جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته سندس گهرواري مريم نواز باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندي آهي، سندن ڪا به آف شور ڪمپني نه آهي.

سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد ڪيپٽن صفدر پاران پنهنجي وڪيل جي معرفت سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ عمران خان جي سمورن الزامن کي رد ڪندي بي بنياد قرار ڏنو ويو آهي.

ڪيپٽن صفدر پنهنجي لکت واري بيان ۾ چيو آهي ته سندس گهرواري مريم نواز جي ڪا به آف شور ڪمپني ناهي، ٽيڪس گوشوارن ۾ سمورا اثاثا ظاهر ڪيا ويا آهن.

هـُن چيو ته مريم نواز جي ڪا به آف شور ڪمپني نه آهي، عمران خان جن اثاثن جو الزام لڳايو آهي، مريم نواز ان اثاثن جي مالڪ ناهي.

وزيراعظم جي ناٺي پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته عمران خان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن به ريفرنس ناهي اماڻيو، سندس نااهلي لاءِ لاڳاپيل فورم بدران سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو، جيڪا آئين جي آرٽيڪل 225 جي ڀڃڪڙي آهي.

ڪيپٽن صفدر چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 62 چونڊن کان اڳ لاڳو ٿيندو آهي، ان ڪري سندس اهليت بابت لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن، عمران خان جي درخواست کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪئي وڃي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس جي ٻڌڻي سومر تي ٿيندي، عدالت وزيراعظم جي اولاد مريم نواز، حسن ۽ حسين نواز کي جواب داخل ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏنو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*