قومي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ اڄ دبئي کان نيوزيلينڊ جي لاءِ رواني ٿي رهي آهي

Pakistan-Newzeland-41116

 قومي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ اڄ دبئي کان نيوزيلينڊ جي لاءِ رواني ٿي رهي آهي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي گڏيل عرب امارات ۾ هوم سيريز کيڏڻ بعد هاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مشڪل امتحان شروع ٿي رهيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ دبئي کان نيوزيلينڊ لاءِ رواني ٿي رهي آهي،جتي ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ٻن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽِيسٽ ميچ 17نومبر تي ڪرائسٽ چرچ ۾ جڏهن ته ٻين ٽيسٽ 25نومبر تي هملٽن کيڏي ويندي.

ٽيسٽ سيريز کان پهرين قومي ٽِيم نيوزيلينڊ اي خلاف نيلسن ۾ ٽي روزه فرسٽ ڪلاس ميچ کيڏندي.

ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ ميچ لاءِ اي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هينري نڪولس ٽيم جي قيادت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*