پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز کي آخري ٽِيسٽ ميچ ۾آسان حريف سمجهيو،جنهن سبب شڪست نصيب ٿي

Misbah-30816

پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز کي آخري ٽِيسٽ ميچ ۾آسان حريف سمجهيو،جنهن سبب شڪست نصيب ٿي.

شارجه ۾ آخري ٽِيسٽ ميچ ۾ شڪست بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم آخري ٽِيسٽ ميچ ۾ ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو،جنهن سبب کين ڪاميابي ملي.

مصباح الحق جو وڌيڪ چوڻ هوته قومي ٽيم نيوزيلينڊ ۽آسٽريليا خلاف بهتر راند جومظاهرو ڪندي.

هن چيو ته آخري ٽِيسٽ ميچ ۾ مجموعي طور تي ٽيم جي ڪارڪردگي خراب ثابت ٿي، ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون پر ڪاميابي جو سمورو ڪريڊٽ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي ڏيڻُو پوندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته ٽيم جي سمورن رانديگرن ويسٽ انڊيز کي آسان حريف سمجهيو ،پهرين ٽيسٽ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻُو پيو ۽آخري ٽِيسٽ ۾ شڪست نصيب ٿي.

مصباح الحق وڌيڪ چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف آخري ٽِيسٽ ۾ شڪست بعد رانديگرن کي پنهنجي غلطين تي ضابطو آڻڻو پوندو.

قومي ٽِيسٽ ٽيم جي ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ ته محمد نواز ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندو رهيو آهي، پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو پريشر الڳ هوندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*