آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگيڪيوٽو آفيسر جيمز سڌرلينڊ ان ڳالهه سان اتفاق ڪندي چيو آهي ته ڪينگروز جي ٽيم جي اڳوڻي مرحوم بيٽسمين فل هيوز جو موت اتفاقي هو۽هو فلپ هيوز جي موت جي جاچ ڪندڙ اهلڪار جي بيان سان متفق آهي

James-Sutherland-41116

آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگيڪيوٽو آفيسر جيمز سڌرلينڊ ان ڳالهه سان اتفاق ڪندي چيو آهي ته ڪينگروز جي ٽيم جي اڳوڻي مرحوم بيٽسمين فل هيوز جو موت اتفاقي هو۽هو فلپ هيوز جي موت جي جاچ ڪندڙ اهلڪار جي بيان سان متفق آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نيوسائوٿ ويلز جي بالر سين ايبٽ پاران ڪرايل بائونس ۾ بدنيتي شامل نه هئي.

 جاچ ڪندڙ مائيڪل بارنس وڌيڪ چيوته ان ميچ ۾ فل هيوز کي مجموعي طور 23 بائونسرز ڪرايا ويا، جن کي هن شآرٽس کيڏيا، جنهن سبب هن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته فلپ هيوز جو موت شارٽ پچ بال سبب نه ٿيو آهي.

نيوسائوٿ ويلز سان تعلق رکندڙ ڪورونر مائيڪل بارنس ڪرڪيٽ کي محفوظ بڻائڻ بابت پنهنجو سفارشون ڏنيو آهن.

آسٽريلوي ٽيم جي جو نمائندگي ڪندڙ مرحوم بيٽسمين فلپ هيوز جي  ڪلب ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيوهو، جنهن ۾سندن موقف هو ته نالي واري بيٽسمين جو موت ناقص ڪرڪيٽ سامان ۽ ٽارگيٽ بائونسر لڳڻ سبب فوت ٿيو،جنهن جي جاچ ڪري ملوث بالر ۽ڪمپنين خلاف ايڪشن کنيو وڃي.

ڪورٽ ۾ ان حوالي سان ڪيترائي ڏينهن ٻڌڻي هلندي رهي ۽ گذريل ڏينهن ڪورٽ فيصلو ڏيندي چيو ته فلپ هيوز جو موت اتفاقي هو، جنهن جي زميواري فاسٽ بالر سين ايبٽ۽ ڪنهن به سامان ٺاهيندڙ ڪمپني کي قرار نٿو ڏئي سگهجي.

واضح رهي 25 نومبر 2014۾ سنڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي  ويل ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ميچ دوران بائونسر لڳڻ سبب ٿڏي تي موت واقع ٿيو هو.

فل هيوز 2009کان 2013 تائين آسٽريلوي ٽيم جي نمائندگي ڪندي 26ٽيسٽ ميچز کيڏيا،جنهن ۾ هن ٽي سنچرين جي مدد سان ڍيڏ هزار رنز اسڪور ڪيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*