جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاناماليڪس معاملو سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ سبب اپوزيشن ڌر

siraj ul haq

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاناماليڪس معاملو سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ سبب اپوزيشن ڌر جي ڪجهه عنصرن کي به تلاشي جو ڊپ ٿي پيو آهي، پ پ جي ناڪاري سياست سبب سندن سڀ در بند ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته پاناماليڪس معاملي تي پيپلز پارٽي مونجهارن جو شڪار ٿي وئي آهي، ڪجهه اڳواڻ کاپي ۽ وري ڪجهه ساڄي پاسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته پاناماليڪس معاملي تي سرڪاري ڌر جي موقف ۾ تضاد آهي، معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هئڻ سبب قوم جون نظرون چيف جسٽس تي کُتل آهن.

سراج الحق چيو ته پاناماليڪس ۾ حڪمران ٽولي جو احتساب شروع ٿيڻ وارو آهي، جيڪڏهن نواز شريف جي تلاشي ورتي وئي ته اها جمهوريت جي وڏي ڪاميابي هوندي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي لڳي رهيو آهي ته شريف ڀائرن جي تلاشي کانپوءِ سندن تنظيم جا چڱا مڙس جيل ڀوڳيندا، ٿي سگهي ٿو پ پ وارن جو ڊپ درست هجي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*