ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ڪنهن کي مايوس ٿيڻ جي ضرورت نه آهي

khuwaja saad rafiuq

 ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ڪنهن کي مايوس ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، ملڪي ريلوي نظام پراڻو ضررو آهي پر غير محفوظ ناهي، لانڍي ٽرين حادثي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي.

لانڍي جي جمعون ڳوٺ ۾ حادثي واري هنڌ جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته ٽرينن وچ ۾ ٽڪر انتهائي المناڪ حادثو هو، جاني نقصان تي وڏو افسوس آهي.

هن چيو ته ملتان ۾ ٿيل روڊ حادثي جي ذميوارن کي معطل ڪيو ويو هو، ڪراچي ۾ ٿيل حادثي جا ذميوار به سزا کان نه بچي سگهندا.

خواجه سعد رفيق چيو ته ريلوي جا سنگلز صحيح نموني سان ڪم ڪري رهيو هئا پر ڊرائيور ڳاڙهي بتي کي نظر انداز ڪيو، حادثي جو ڪارڻ ظاهري طور انساني غلطي لڳي رهيو آهي.

وفاقي وزير چيو ته حادثي جي جاچ جو  حڪم ڏنو ويو آهي، ذميوارن کي سزا  نه ملي ته ماڻهو اڳتي به غلطي ڪندا، 8 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ رپورٽ سامهون اچي ويندي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه وائکو ٿي ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته ريلوي وٽ اڳ ئي وسيلا گهٽ آهن ۽ حادثي ۾ جاني نقصان سان گڏ ريلوي جو به وڏو مالي نقصان ٿيو آهي، بلوچستان ۾ ريلوي تخريبڪاري کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ حملا ٿي رهيا آهن پر ان باوجود بهتري آڻي رهيا آهيون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*