سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سميت سموري صوبي جي ڪينٽونمينٽس بورڊ کي پارڪنگ جي فيس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو آهي

Sindh-high-court-02

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سميت سموري صوبي جي ڪينٽونمينٽس بورڊ کي پارڪنگ جي فيس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ڪينٽونمينٽ بورڊ پاران پارڪنگ فيس اوڳاڙڻ خلاف داخل درخواست تي 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل صلاح الدين گنڊاپور موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ ان کان اڳ به قرار ڏئي چڪي آهي ته ايگزيڪيوٽو آفيسر وٽ فيس اوڳاڙڻ جا اختيار نه آهن

درخواستگذار موجب عدالتي فيصلي باوجود ڪينٽونمينٽ بورڊ ڪار تي 2 سئو  ۽ موٽرسائيڪل تي 50 رپيا پارڪنگ فيس وصول ڪري رهيو آهي.

عدالت درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ٻين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هاءِ ڪورٽ حڪم ۾ چيو آهي ته درخواستن تي تفصيلي فيصلو اچڻ تائين ڪينٽونمينٽ بورڊ فيس نه اوڳاڙيندو ۽  فيس اوڳاڙڻ وارو نوٽيفڪيشن به معطل رهندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*