وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان خطي جي عوام جي تقدير تبديل ٿي ويندي

pm

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان خطي جي عوام جي تقدير تبديل ٿي ويندي، پاڪستان جي معيشت ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي وئي آهي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نوازشريف سان چيني سيڙپڪارن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ-چين لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پي ايم هائوس ترجمان موجب، چيني سيڙپڪارن جي وفد پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معيشت ۽ حڪومتي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته پاڪ چين دوستي ۾ قيادت ۽ عوام جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، گذريل 3 سالن دوران پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي آهي.

هن چيو ته راهداري منصوبو خطي جي عوام جي زندگي ۾ تبديلي آڻيندو، پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام کي ساراهيو پيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*