پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ جمهوري احتساب چاهي ٿي

bilawal in rahim yarkhan

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ جمهوري احتساب چاهي ٿي، وزيراعظم کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، پنهنجا مطالبا مڃرايا ويندا، نواز شريف مطالبا نه مڃيا ته پوءِ چونڊون 2017ع ۾ ٿينديون، جيڪڏهن مطالبا مڃيا ته ايندڙ عام چونڊون 2018ع ۾ ٿينديون.

صادق آباد ويجهو جمال الدين والي واري علائقي ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ پ پ اڳواڻ مخدوم احمد محمود جي رهائشگاهه تي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ تبديلي آندي آهي، هاڻي پنجاب ۾ تبديلي آندي ويندي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جمهوري طريقي سان احتساب چاهي ٿي، وزيراعظم کي ڀڄڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو، کانئس 4 مطالبا تسليم ڪرايا ويندا.

هن چيو وزيراعظم پيپلز پارٽي جا 4 مطالبا تسليم نه ڪيا ته ايندڙ عام چونڊون 2017ع ۾ ٿينديون، جيڪڏهن مطالبا مڃيا ويا ته اليڪشن 2018ع ۾ ٿيندي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب ۾ سمورا پئسا تخت لاهور تي خرچ ٿي رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سينٽرل ۽ ڏکڻ پنجاب جو عوام ساڻن گڏ آهي، ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*