ڇاڇري ويجهو ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن پورهيتن جا گهر الهه تلهه سميت سڙي رک ٿي ويا

chachro aag

ڇاڇري ويجهو ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن پورهيتن جا گهر الهه تلهه سميت سڙي رک ٿي ويا.

ڳوٺ ڪِيتاري ۾ ٻن پورهيتن صيفل ۽ دين محمد جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهر ڀاتي پنهنجون حياتيون بچائي ٻاهر نڪتا.

گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سمورو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو.

گهر سڙي وڃڻ سبب متاثر ڪٽنب کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*