ڪنڊيارَي ويجهو پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار هئڻ سبب ٻارڙا وڻن هيٺان ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن

kandiaro student pro

ڪنڊيارَي ويجهو پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار هئڻ سبب ٻارڙا وڻن هيٺان ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، اسڪولي ٻارڙن پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ نيو سامٽيا پرائمري اسڪول جي مرمت نه ٿيڻ خلاف ٻارڙن پلَي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ ٻارڙن جو چوڻ هو ته ڪيتري ئي وقت کان اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل هئڻ سبب هــُُو وڻن هيٺان ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.

هنن وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت ڏئي کين تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿيڻ کان بچايو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*