موهن جي دڙي ويجهو دادو ڪينال جا ڪپر ڪمزرو ٿيڻ ڪري علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي

moin jo dro

موهن جي دڙي ويجهو دادو ڪينال جا ڪپر ڪمزرو ٿيڻ ڪري علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي، رهواسين جو چوڻ آهي ته بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪپرن جي مضبوطي وارو ڪم  شرو ع نه ٿي سگهيو آهي.

ڪيڊٽ ڪاليج سامهون دادو ڪينال کي 30 فٽن تائين کاڌ هئڻ ڪري ڪپر ڪمزور ٿيڻ لڳا آهن،  ۽ ڪينال کي ڏنل پڪي ڀت ۾ ڏار پئجي ويا آهن.

رهواسين جو چوڻ آهي ته دادو ڪينال جا ڪپر ڪمزور ٿي وڃن ڪري گهاري پوڻ جو خدشو آهي، پر بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود آبپاشي مضبوطي وارو ڪم شروع نه ڪرايو آهي.

رهواسين آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته دادو ڪينال جا ڪپر مضبوط ڪرڻ لاءِ فوري طور ڪم شروع ڪرايو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*