سيوهڻ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري

sehwan wapda

سيوهڻ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري حيسڪو آفيس جي مين گيٽ اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

محمد بخش رند، غلام مصطفيٰ ميمڻ ۽ اڪبر ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي پنجين ڏينهن به حيسڪو آفيس اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته حيسڪو انتظاميا وڏي وزير جي تڪ ۽ قلندر جي نگريءَ جي عوام سان ٻه اکيائي ڪري ڪري لوڊشيدنگ 6 ڪلاڪ مان وڌائي 14 ڪلاڪ ڪري ڇڏي آهي.

هنن چيو ته لوڊشيڊنگ گهٽائڻ بدران حيسڪو پاران لکين رپين جا واڌو بل موڪلي نيب ۽ پوليس جي مدد سان شهرين کي پريشان ڪيو پيو وڃي.

اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته شهر مان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري مسئلا حل نه ڪيا ويا ته سومر واري ڏينهن شٽربند هڙتال ڪري انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*