ڊش تي پرڏيهي چينلز ڏيکارڻ خلاف انڊس ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ڪيبل آپريٽرز احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا
ڊش تي پرڏيهي چينلز ڏيکارڻ خلاف انڊس ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ڪيبل آپريٽرز احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.
سيوهڻ ۾ ڪيبل آپريٽرز سردار ملاح ۽ راشد خاصخيلي جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ٿاڻي بولا خان ۾ انڊس ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن ضلعي ڄامشوري جي پريس سيڪريٽري سهيل ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.
ڪوٽڙي ۾ به ڪيبل آپريٽرز نذير رند ۽ نويد خانزاده جي اڳواڻيءَ ۾ المدينه چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته غير قانوني ڊي ٽي ايڇ ڊش ٽي وي جا رِسِيوَرز ۽ ٻيو سامان وڪرو ٿيڻ ۽ ڊش تي انڊينز چئنلز ڏيکارڻ سبب ڪيبل آپريٽرز جو ڪاروبار ٺِپ ٿي ويو آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته ڊش ٽي وي تي پرڏيهي چينلز ڏيکارڻ وارو سلسلو بند ڪري ڪيبل آپريٽرز جي ڪاروبار کي بچايو وڃي.