ايم ڪيو ايم خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

National-Assembly-2816

ايم ڪيو ايم خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پرويز خٽڪ ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي، مٿس آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس هلايو وڃي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار، خالد مقبول صديقي، سلمان بلوچ ۽ ٻين ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ خلاف قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو.

ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير پرويز خٽڪ سڪيورٽي ادارن خلاف بيان ڏئي ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي، ايم ڪيو ايم اهڙي بيان جي مذمت ڪري ٿي.

ايم ڪيو ايم ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو آهي ته پرويز خٽڪ خلاف آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس هلائي کيس سخت سزا ڏني وڃي.

واضح رهي ته پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ جي اسلام آباد واري ڌرڻي دوران بيان ڏنو هو ته کين ٻي نعري تي مجبور نه ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*