پشاور هاءِ ڪورٽ، جعلسازي ڪيس ۾ گرفتار افغان ناري شربت گلا کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم

peshawar-highi-court

پشاور هاءِ ڪورٽ، جعلسازي ڪيس ۾ گرفتار افغان ناري شربت گلا کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس 15 ڏينهن قيد ۽ هڪ لک 10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ افغان عورت شربت گلا جي سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته شربت گلا کان غلطي ٿي وئي آهي، عورت بيماري ۾ مبتلا هئڻ سان گڏ سندس معصوم ٻارڙا آهن، تنهنڪري کيس سزا نه ڏني وڃي.

عدالت، افغان عورت شربت گلا  15 ڏينهن قيد ۽ هڪ لک 10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

پشاور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته عورت کي سزا ڀوڳڻ کانپوءِ فوري طور ملڪ بدر ڪيو وڃي.

واضح رهي ته افغان عورت شربت گلا کي ڪوڙو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ تي حراست ۾ ورتو ويو هو، سيشن ڪورٽ سندس ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*