ڪور ڪمانڊر ڪراچي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ڪري امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

Naveed-Mukhtar---ashrat-41116

ڪور ڪمانڊر ڪراچي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ڪري امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪراچي آپريشن جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جون امن امان لاءِ ڏنل قربانيون رائيگان نه وينديون.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار گورنر هائوس پهچي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن امن امان جي صورتحال ۽ ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن بابت ڳالهيون ڪيون.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ڪراچي آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

گورنر چيو ته امن امان جي بحاليءَ لاءِ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جون وڏيون قربانيون آهن، جيڪي رائيگان ٿيڻ نه ڏنيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*