ڪراچي ۾ گرفتار ڪيل اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کان پڇا ڳاڇا جاري آهي

Faisal-Raza-51116

ڪراچي ۾ گرفتار ڪيل اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، پوليس فيصل رضا عابدي کي پٽيل پاڙا ۾ قتل ڪيل ٽن ڄڻن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيوويو آهي، جنهن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو،  عابدي جي گهر مان تلاشي دوران 2 سرڪاري رائيفلز ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ڪراچي جي نيو رضويه سوسائٽي واري علائقي مان قانون لاڳو ڪندڙ اداري هٿان گرفتار ڪيل اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کان پڇاڳاڇا جاري آهي.

قانون لاڳو ڪندڙ اداري فيصل رضا عابدي کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوليس پڇاڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايس ايس پي ايسٽ موجب فيصل رضا عابدي کي گذريل ڏينهن پٽيل پاڙا ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو.

پوليس موجب فيصل رضا عابدي  جي گهر جي جهڙتي دوران 2 سرڪاري رائيفلز، جي ٿري ۽ ايم پي فائيو مليا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿيار لائسنس وارا آهن يا نه ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هٿيارن جي فارنزڪ جاچ پڻ ڪرائي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*