پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ ۽ عام وهنوار متاثر ۽ خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن ۾ برسات بعد سيءِ جي لهر ۾اضافو ٿي ويو آهي

Dhund-51116

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ ۽ عام وهنوار متاثر ۽ خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن ۾ برسات بعد  سيءِ جي لهر ۾اضافو ٿي ويو آهي، موسميات کاتي موجب  پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي شدت ايندڙ 6 ڏينهن تائين برقرار رهندي.

پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب موٽر وي تي ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي آهي، موٽر وي پوليس انتظاميا موٽر وي جا ڪيترائي سيڪشن بند ڪري ڊرائيورن کي فوگ لائيٽس استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ملتان، جهانيان، خانيوال، لاهور، فيصل آباد، شور ڪوٽ، گوجره، سيالڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب زندگي  مفلوج ٿي وئي آهي.

ڪوهيڙي سبب روڊ حادثا معمول بڻجي ويا، چيچا وطني ۾ ڪوهيڙي سبب  پوليس موبائل روڊ جي فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.

موسميات کاتي موجب پنجاب ۾ ڪوهيڙو اڃا 6 ڏينهن تائين جاري رهندو، برسات پوڻ تائين ڪوهيڙي جي شدت ۾ گهٽتائي نه ايندي ، پنجاب ۾ برسات جو في الحال ڪو به امڪان ناهي

 هوڏانهن موٽروي پوليس  ڪوهيڙي سبب  ايم ٽو لاهور کان سيال موڙ تائين ٽريفڪ لاءِ بند  ڪيو آهي، ايم 3 پنڊي ڀٽيان کان فيصل آباد تائين ۽ ايم 4 فيصل آباد کان گوجره موڙ تائين بند ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*