پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ڪئپٽن رٽائر صفدر حڪومتي ٽي او آرز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

Captain-Safdar-Supreme-51116

پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ڪئپٽن رٽائر صفدر حڪومتي ٽي او  آرز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

حڪومتي ٽ آر اوز ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن کي ڪارروائي ۾ مداخلت ڪندڙ کي سزا جو اختيار هئڻ گهرجي، ڪميشن  کي ڪنهن به اداري يا هنڌ جي تلاشي جو اختيار هوندو، ۽ پوليس کي به جاچ جو حڪم ڏيڻ جو مجاز هوندي.

ٽي  او آرز  ۾ چيو  ويو آهي ته ڪميشن معاف ڪرايل قرض بابت عدالتي رپورٽ جو جائزو وٺي، ڇا بئنڪ قرض اثر رسوخ ذريعي معاف ڪرايا ويا؟ .

ٽي او آرز ۾ سوال ڪيو ويو آهي ته ڇا پرڏيهه منتقل ڪيل ناڻو ڪرپشن يا ڪميشن مان حاصل ڪيو ويو؟ ، ڇا آف شور ڪمپني ٺاهڻ وقت ٽئڪس ۽ ٻين قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي؟ .

 ٽي او آرز  ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن کي ڪنهن به شخص يا دستاويز گهرائڻ جو اختيار هوندو ۽ ان کي  فوجداري ۽ ديواني ضابطي جو اختيار حاصل هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*