ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير وارن ٻن ڪيسز ۾ گرفتار ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي ضمانت منظور

Wasim-Akhter-51116

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير وارن ٻن ڪيسز ۾ گرفتار ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، وسيم اختر جي 36 ڪيسن ۾ اڳ ئي ضمانت منظور ٿيل آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پاڪستان مخالف تقرير وارن ٻن ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران گرفتار ٿيل ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي پيش ڪيو ويو.

وسيم اختر جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سندس مئوڪل کي جنهن ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي هو اتي موجود ئي نه هو، فرياديءَ انٽرنيٽ تي وڊيو ڏسڻ کانپوءِ وسيم اختر خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.

      وڪيل چيو ته وسيم اختر خلاف 7 ايف آءِ آرز هڪ جهڙي نوعيت جون آهن ۽ هڪ ئي ڪيس جون 2 ڌار ڌار ايف آءِ آرز داخل آهن.

وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته انصاف جي گهرج آهي ته سندس مئوڪل کي بري ڪيو وڃي.

عدالت وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد وسيم اختر جي ٻن ڪيسز ۾ هڪ – هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

واضح رهي ته وسيم اختر خلاف داخل 39 ڪيسز مان 36 ڪيسن ۾ ضمانت اڳ منظور ٿيل آهي ۽ اڄ وڌيڪ ٻن ڪيسز ۾ به ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*