پنهنجي ڀينرن جي پسند سان شادي ڪندس، مون سان شادي ڪندڙ ڇوڪري کي ڪيترن ئي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوندو، بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal-Bhutto-51116

 پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجي ڀينرن جي پسند سان شادي ڪندس، مون سان شادي ڪندڙ ڇوڪري کي ڪيترن ئي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوندو، عمران خان ڀلي ڪيترائي احتجاج ڪري پر جڏهن بي بي جو پٽ نڪتو ته شينهن جو شڪار ڪري ئي رهندو.

اوٻاوڙي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان حڪومت آڏو 4 مطالبا رکيا آهن، جيڪڏهن اهي منظور نه ٿيا ته پوءِ شينهن جو شڪار ڪرڻ لاءِ نڪرندس ۽ منهنجو احتجاج عمران خان جيان نه پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير جي احتجاج جيان هوندو.

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي تازي لهر ۽ فيصل رضا عابدي جي گرفتاري بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته دهشتگردي ۽ امن امان حساس مسئلو آهن، دهشتگردي سوئچ ناهي جو بند ڪري ڇڏيون ته ختم ٿي وڃي.

هن چيو ته امن امان جي ذميواري صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل طور آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي بهتري ايندي.

پ پ چيئرمين چيو ته اها دعويٰ نٿو ڪيان ته هڪ ڏينهن يا هڪ سال اندر هر شيءِ جو حل ڪڍي وٺندس، سنڌ ۾ جڏهن کان بي بي جو پٽ آيو آهي ته تبديلي به اچڻ شروع ٿي وئي آهي.

شادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو رداري چيو ته کيس شادي لاءِ آڇ ٿي آهي، مون سان شادي ڪندڙ عورت کي گهڻيون ڏکيائون برداشت ڪرڻيون پونديون پر مان ان سان ئي شادي ڪندس، جنهن کي منجهيون ڀينر پسند ڪنديون.

هن چيو ته گذريل ڏينهن وارو جلسو ڪارنر ميٽنگ هئي، دهشتگرد نٿا چاهين ٿا ته پيپلزپارٽي پنهنجي اصل طاقت ڏيکاري،اڄ ريلي رٿيل هئي پر سڪيورٽي خدشن جي ڪري ملتوي ڪئي وئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جن ماڻهن کيس اردو سيکاري اهي سنڌي به سيکاريندا، اردو بهتر ٿي وئي آهي، جلد سنڌي به بهتر ٿي ويندي پر هو پاڪستان جون سموريون ٻوليون سکڻ چاهي ٿو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*