ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين، رئوف صديقي، انيس قائمخاني، قادر پٽيل ۽ عثمان معظم تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

Raud-Asim-Qadir-51116

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين، رئوف صديقي، انيس قائمخاني، قادر پٽيل ۽ عثمان معظم تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم اڳواڻ سليم شهزاد اشتهاري قرار، ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته مٿس ڪوڙا الزام لڳائيندڙن تي به ڪيس داخل ڪيو وڃي.

اي ٽي سي ۾ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڊاڪٽر عاصم کي جناح اسپتال کان وهيل چيئر تي عدالت آندو ويو.

عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين، ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي، پي ايس پي اڳواڻ انيس قائمخاني، پاسبان اڳواڻ عثمان معظم ۽ قادر پٽيل تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ سليم شهزاد کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي.

ڊاڪٽر عاصم عدالت ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن ڪو جرم ناهي ڪيومٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.

جوابدارن جرم قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب عدالت ڪيس جي شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*