سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ شهري جي گمشدگي خلاف درخواست تي لاپتا ماڻهن بابت جوڙيل اسپيشل ٽاسڪ فورس ۽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي 8 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ شهري جي گمشدگي خلاف درخواست تي لاپتا ماڻهن بابت جوڙيل اسپيشل ٽاسڪ فورس ۽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي 8 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ڊويزن بئنچ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اظهر اقبال نالي شهري جي وارثن طرفان پنهنجي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي وئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 2011ع دوران اظهر اقبال کي سهراب ڳوٺ مان حراست ۾ ورتو هو.

درخواستگذار چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اظهر اقبال جي گرفتاري ظاهر نه پئي ڪئي وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي گم ٿيل ماڻهن بابت جوڙيل اسپيشل ٽاسڪ فورس، ايڊيشنل هوم سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ايس ايس پي کي نوٽيس جاري ڪندي 8 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*