ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز ڪارروايون ڪري مذهبي اڳواڻ علامه احمد اقبال سميت 47 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

Malir-16-Protest-71116

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز ڪارروايون ڪري مذهبي اڳواڻ علامه احمد اقبال سميت 47 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، شريف آباد مان ايم ڪيو ايم جي يوسي چيئرمين کي حراست ۾ وٺي ڪجهه دير کانپوءِ آزاد ڪيو ويو.

قانون لاڳو ڪندڙ اداري مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ علامه احمد اقبال جي رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

علامه احمد اقبال جي گرفتاري خلاف مجلس وحدت المسلمين ملير 15 وٽ شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

Malir-15-Traafice-Jam-Protest-71116

رينجرز پٽيل پاڙي ۾ آپريشن دوران مخصوص گهرن جي جهڙتي ورتي، جنهن دوران چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا.

عزيز آباد جي منگوريا ڳوٺ ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 10 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، گلستان جوهر ۾ ڪارروائي دوران ٻن روپوش ڏوهارين سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

ميٽروول ۾ پڻ پوليس ڪارروائي ڪارروائي دوران 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

شريف آباد ۾ پوليس ايم ڪيو ايم جي يوسي چيئرمين آفتاب کي ڪجهه دير لاءِ حراست ۾ وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو.

متحده اڳواڻ خواجه اظهارالحسن آفتاب جي گرفتاري جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پوليس يوسي چيئرمين کي گرفتار نه ڪيو پر رڳو پڇاڳاڇا لاءِ گهرايو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*