نيب اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن انڪوائريز بابت جواب داخل ڪرائيندي ڄاڻايو

Sindh-high-sharjeel-14-1

نيب اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن انڪوائريز بابت جواب داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته شرجيل ميمڻ خلاف اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن تي ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، شرجيل ميمڻ وٽ جهنگلي جيوت واري کاتي جو به قلمدان هو، سندس دور ۾ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ ڪرپشن جي شڪايت تي جاچ ڪئي پئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري اڳوڻي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب پاران جواب داخل ڪرايو ويو.

نيب پنهنجي جواب ۾ چيو آهي شرجيل ميمڻ خلاف ٻيلي کاتي جي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ ڪرپشن بابت انڪوائري شروعاتي مرحلي ۾ آهي، اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن تي ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي.

نيب موجب اطلاعات واري وزارت دوران شرجيل ميمڻ وٽ جهنگلي جيوت واري کاتي جو به قلمدان هو، جنهن ۾ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ ڪرپشن جي شڪايت ملي آهي.

عدالت شرجيل ميمڻ کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي نيب جي جواب تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*